ايف بي آر ٽئڪس ادا نه ڪرڻ تي پي آءِ اي جا 26 اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر  ) ٽيڪس رهتون ادا نه ڪرڻ تي ايف بي  آر پي آءِ اي جا  ڪراچي ريجن سميت 26 اڪائونٽ  بند ڪري ڇڏيا. فيڊرل بورڊ آف روينيو زون ڪراچي طرفان گذريل ڏينهن  پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز پي آءَ اي جي سينيئر انتظاميا جناب اموس نديم، چيف فنانشل آفيسر ۽‏ شيخ ايم خورشيد ميمڻ، جنرل مئنيجر اڪائونٽنگ کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي آءِ اي کي آگسٽ مهيني جي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 8 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن پر پي آءِ اي انتظاميا ٽيڪس ادا ڪرڻ بجائي الڳ اڪائونٽس کولي فيڊرل ايڪسائيزڊيوٽي جي رقم جو غلط اسعمال ڪيو، جڏهن ايف بي آر ذريعن موجب پي آءَ اي طرفان 2 ارب رپيا ادا ڪرڻ جو پڻ واعدو ڪيو هو پر اهو  به پورو نه ڪيو ويو. ٻئي طرف پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي  چيو آھي ته ايف بي آر پاران 26 اڪائونٽ منجمد ٿيڻ سان پي آءِ اي جو فلائيٽ آپريشن متاثر نه ٿيندو.

پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنهنجي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ جي اجازت 

اسلام آباد(م ڊ) سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جج ابوالحسنات اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي هدايت ڪئي ته هو پيءُ ۽ پٽن سان ڳالهائي بندوبست ڪن. پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي وڪيل عمير نيازي ۽ شيراز احمد جي معرفت سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ ۾ پٽن قاسم ۽ سليمان سان فون تي ڳالهه ٻولهه جي درخواست داخل ڪئي هئي.جج ابوالحسنات ذوالقرنين اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي هدايت ڪئي ته عمران خان سان سندس پٽن جي فون تي ڳالهه ٻولهه جا انتظام ڪيا وڃن.

تڪ بندين جو فائدو ايم ڪيو ايم، نقصان پ پ کي ٿي سگهي ٿو: راڻا ناءُالله

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته ڪراچي ۾ آدمشماري کان پوءِ سيٽون وڌيون  آهن جنهن جو فائدو ايم ڪيو ايم کي پهچي سگهي ٿو. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته اها قومي خوشقسمتي آهي ته سڀني جو آدمشماري تي اتفاق ٿيو. سڀني کي خبر هئي ته آدمشماري کان پوءِ تڪ بنديون ٿيون آهن. سياسي طور تي جيڪڏهن هاڻ ڪنهن کي ڪو به ٻيو نعرو وڌيڪ مناسب لڳي ٿو ته اهو لڳايو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي آدمشماري بابت خدشا هئا هاڻ فائدو به انهن پهچي رهيو آهي. جڏهن ته ڪراچي ۾ سيٽون وڌڻ سان نقصان پ پ کي ٿيندو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تڪ بندين سان ڪجهه ماڻهن کي فائدو ٿي رهيو آهي جنهن کي فائدو ٿي رهيو آهي اهي چاهين ٿا ته تڪ بنديون ٿين جن کي نقصان ٿي رهيو آهي اهي چاهين ٿا ته هن وقت نه ٿين. آئين ۽ قانون جي گهرج آهي ته آدمشماري جي منظوري کان پوءِ هاڻ تڪ بنديون ٿيڻ گهرجن. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٻاهر وڃڻ جي مون کي ڪابه خبر نه آهي. حافظ حمدالله وٽ جيڪڏهن ڪا ڄاڻ آهي ته ان جي باري ۾ اهو بهتر ٻڌائي سگهي ٿو.

ستاره امتياز جهڙو ايوارڊ صوبائي سطح تي ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) ڪچلر، سياحت، يوٿ ۽ اسپورٽس کاتن جي نگران صوبائي وزير جنيد شاهه ستاره امتياز جهڙو ايوارڊ صوبائي  سطح تي ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ستاره امتياز، ستاره جرئت جهڙو اعزار صوبائي سطح تي ڏيڻ لاءِ هو عملي قدم کڻندو جيئن هر شعبي جي ماڻهن ۾ جستجو ، محنت ۽ مقابلي جو رجحان وڌي، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪاٽي جي صدر فرازالرحمان  سميت سمورن صنعتڪارن سان ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيو، ڪاٽي ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ فراز الرحمان ۽ ٻين صوبائي وزير تي زور ڀريو ته ڪراچي ۾ موجود راندين جي ميدانن تي ڪم ڪيو وڃي، هو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جنيد شاهه چيو ته  ڪلچر ۽ سياحت لاءِ رڳو ڪارونجهر نه آهي پر پوري سنڌ سياحت لاءِ بهترين آهي، ان لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي ته ان ۾ اڀار اچي، هن چيو ته سنڌ گيمز کي ٻيهر کڻي ايندس، ڪافي وقت کان پوءِ ڀٽائي جو ميلو ٿئي پيو، ان تي ملاکڙي جا شوقين به اچن اتي ڪانفرنس ۽ صوفي راڳ به ٿيندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ وڻ لڳائڻ جي حوالي سان درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد  يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ماحوليات جي بهتري جي لاءِ  وڻ لڳائڻ جي حوالي سان ايڊووڪيٽ مرتضيٰ کهڙي جي درخواست تي ٻڌڻي  ٿي، عدالت درخواست ٻڌڻي جي قابل نه هجڻ ڪري رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته  وڪيل صاحب اوهان جي حڪومت لاڙڪاڻي ۾ شجرڪاري مهم شروع ڪئي هئي، لاڙڪاڻي ۾ شجرڪاري مهم تي  لکين نم جا وڻ لڳا ويا، جنهن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا هئا، عدالت چيو ته  ان مليل گرائونڊ تي ڪجهه به نه آهي، عدالت چيو ته  نئين شجرڪاري مهم ۾ اوهان جي اندازي موجب ڪتيرو خرچو ايندو، ڇا شجرڪاري مهم ۽ مچرمارئڻ جو اسپري به عدالت ڪرائي، ڇا اوهان کي خبر آهي ته لاڳاپيل اٿارٽي ڪير آهي، درخواستگذار چيو ته  مان چيف سيڪريٽري کي خط لکيو هو .پر ڪو به جواب نه مليو .عدالت چيو ته اوهان ڪراچي جي مئير کي درخواست ڏيو .

ڪراچي ۾ مڙس زال کي قتل ڪري پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي الفلاح ٿاڻي جي حد ملير  وائرليس گيٽ جي  علائقي گولڊن ٽائون ۾ مدينا مسجد جي ڀرسان گھر جي اندر مڙس گوليون هڻي زال کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع ملندي پوليس واقعي واري جاءِ تي پھچي لاش ڇيپا ايمبولينس جي ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيا جتي لاشن جي سڃاڻپ 33 سالن جي بلال پٽ عبدالحميد ۽ سندس 22 سالن جي زال جويريا جي نالي سان ٿي آهي، پوليس ذريعن موجب  شروعاتي اطلاع موجب زال ۽ مڙس ۾ جھيڙو ٿيو، زال عدالت سان طلاق لاءِ رابطو ڪيو هو، بلال گھر آيو ته  جھيڙو ٿي پيو جنهن کانپوءِ هن زال کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ بعد ۾ پاڻ وري خودڪشي ڪري ڇڏي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.