حيدرآباد(م ڊ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ آهي ته لٽيرن جي ڦرلٽ جو وقت ختم ٿيڻ وارو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته لٽيرن جي ڦرلٽ جو وقت ختم ٿيڻ وارو آهي. سرڪاري ملازمن جي پاور يونٽن جواستحقاق ختم ڪيو وڃي هن چيو ته وڏيرن ۽ انهن جي فرنٽ مينن جي گهرن تي ڇاپا هڻي غير قانوني دولت هٿ ڪئي وڃي.متحده قومي موومينٽ حيدرآباد پاران بجلي، گيس ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف تلڪ چاڙهي کان گاڏي کاته تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ عورتن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. ريلي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اوهان جو دور شروع ٿيڻ وارو آهي.اسان فيصلو ڪيو آهي ته هن ملڪ کي حيسڪو جي ظلم ۽ لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏينداسين.