اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته سفارتڪارن جو چيف اليڪشن ڪمشنر سان انفرادي حيثيت ۾ ملاقات ڪرڻ نامناسب آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته قومي اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ چونڊ عمل شروع ٿي ويو آهي. چونڊون پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، ٻاهرين بيانن ۽ مشاهدن سان اسان جي سياسي خودمختياري جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي.