قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) مهي مڪول ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد چانڊيو ۾ گهرو اڻبڻت تان جوابدار پنهنجي 55 ورهين جي سُهري محبوب علي چانڊيو ۽ 25 ورهين جي زال صنم چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو، 22 ورهين جو سالو منير چانڊيو مرڻينگ ٿي پيو، جوابدار مظفر چانڊيو گهرو اڻبڻت تان پنهنجي چاچي ۽ سهري محبوب چانڊيو بندوق جا فائر ڪري کيس قتل ڪيو، جڏهن ته کيس بچائڻ لاءِ ايندڙ پنهنجي زال صنم چانڊيو سميت سالي منير چانڊيو مٿان به فائر ڪري ڏنا جيڪي شديد زخمي ٿي پيا جن کي ڳوٺاڻن کڻائي اسپتال پهچايو جتي زخمن جا سور نه سهندي جوابدار جي زال صنم چانڊيو دم ڏئي ڇڏيو، مقتول پيرسن ۽ عورت جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻئي پاسي حد جي پوليس جوابدار مظفر چانڊيو کي هٿيار سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.