لاهور (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي هم خيال ججن 14 مئي تي پنجاب ۾ عدالتي حڪم تحت چونڊون نه ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته هم خيال ججن جي ان ڪارروائي مان لڳي ٿو ته هو پي ڊي ايم جي اهم اڳواڻن کي توهين عدالت ۾ سزا ڏيڻ چاهين ٿا، خاص طور سيڪيورٽي مهيا نه ڪرڻ تي راڻا ثناءُ الله ۽ رقم نه ڏيندڙ اسحاق ڊار کي ته توهين عدالت جو جوابدار قرار ڏنو ويندو. ان سان گڏ وزيراعظم ۽ پي ڊي ايم جي ٻين اڳواڻن کي به توهين عدالت جو جوابدار قرار ڏنو ويندو. سوال اهو آهي ته ڇا 25 مئي تي لانگ مارچ دوران عمران خان ۽ پي ٽي آءِ قيادت به ته توهين عدالت ڪئي هئي ۽ عدالتي حڪم ٿڏي ريڊزون ۾ آيا هئا ڇا انهن خلاف به توهين عدالت تحت ڪارروائي ٿيندي.