اسلام آباد( م ڊ) نگران حڪومت کنڊ جي وڌندڙ اگهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندي شگر مافيا آڏو بيوس نظر اچي رهي آهي. کنڊ جو سرڪاري اگهه 99 رپيا هجڻ باوجود لاهور ۾ کنڊ 5 رپيا وڌي 175 رپيا في ڪلو، ڪوئيٽا ۾ 175 رپيا، پشاور، اسلام آباد، فيصل آباد، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 170 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. هلندڙ سال اپريل ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ سستو کنڊ وڪرو ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر تي فيصلي جي ايندڙ ٻڌڻي ايندڙ مهيني ٿيندي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪا به قانوني ڪوشش ناهي ڪئي وئي. گھٽ سپلاءِ ۽ گهرج جي گھٽتائي سبب ملڪ ۾ کنڊ جا اگهه وڌي ويا آهن، جڏهن ته شگر مافيا پي ڊي ايم حڪومت کي سرپلس کنڊ جو يقين ڏياريو ۽ ان کي سستي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني.