مهانگن بجلي بلن خلاف ملڪ گير احتجاج جو اثر نه پيو، پيٽرول ۽ ڊيزل به مهانگا

ڪراچي/اسلام آباد(نمائندا+ م ڊ) بجلي جي ڳرن بلن خلاف ملڪ گير احتجاج جو سلسلو جاري آهي، اسلام آباد ۽ مظفرآباد ۾ واپارين پاران مڪمل هڙتال ڪئي وئي، لاهور،فيصل آباد، خانيوال، لوڌران،ليه،ملتان، گوجرانوالا، سرگوڌا، پشاور، ڪوهاٽ، مردان، اٽڪ، سوات، مانسهره ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.  ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي جماعت اسلامي عورت ونگ پاران احتجاج ڪيو ويو، بجلي بلن ۾ اضافو نامنظور جا نعرا لڳايا ويا، بلوچ پاڙي ۾ رهواسين  احتجاج دوران ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او جو پتلو ساڙي ڇڏيو،احتجاج سبب شاهراهه فيصل، قيوم آباد ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي. صدر ۾ واپارين احتجاجي مظاهرو ڪيو،جڏهن ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس مڪمل هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڄ ڪراچي بند رهندي.ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ واپارين جي اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي زبير موتي والا چيو ته ڪراچي چيمبر واپارين جي هڙتال سان گڏ آهي ۽ جمعي تي مڪمل هڙتال ڪئي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته بجلي جا اگهه اسان کي قبول ناهن. ننڍي صنعت هجي يا وڏي، ايتري مهانگي بجلي هر ڪاروبار لاءِ ناممڪن آهي.هن چيو ته بجلي جي بلن تي هر ڪاروباري طبقو پريشان آهي، حڪومت کي گهرجي ته آءِ پي پيز سان ويهي ڳالهيون ڪري،. هوڏانهن بجلي جي واڌو بلن خلاف واپارين ۽ سول سوسائٽي پاران اعلانيل شٽربند هڙتال جي نتيجي ۾ ميرپورخاص شهر جا 80 سيڪڙو دڪان، پيٽرول پمپ ۽ ميڊيڪل اسٽور بند رهيا. هڙتال جي موقعي تي شهر ۾ ويراني ڇانيل رهي ۽ روڊن تي ٽريفڪ جي رواني به نه هجڻ جي برابر رهي .جڏهن ته ٽريفڪ معطل هجڻ سبب آفيسن ۾ حاضري به معمول کان گھٽ رهي.  جڏهن ته بجلي ۾ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس لڳائڻ خلاف واپاررين ۽ دڪاندارن پاران ريلي ڪڍي مارڪيٽ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ اڳواڻن پاران بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس لڳائڻ جي سخت مذمت ڪندي ٽيڪس ختم ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.تاجر اتحاد پاران ٽنڊوالهيار ۾ جزوي هڙتال ڪئي وئي. واپارين پاران بجلي جي اضافي بلن . واڌو ٽيڪس ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف هٿن ۾ بينر کڻي مين مارڪيٽ چوڪ تي احتجاج پڻ ڪيو. ان موقعي تي واپارين ماما رتن لعل. پاچا خان پٺاڻ . ڪامران قريشي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي . بجلي جي اضافي بلن عوام جي چيلهه ڇٻي ڪري ڇڏي آهي. نوابشاهه، ميرپورخاص، نصرپور، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين شهرن ۾ هڙتال ڪئي وئي. سکر ۾ واپارين جي طرفان مڪمل شٽر بند ھڙتال ۽ بعد احتجاجي مظاھري ۾ سکر سماجي فورم جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي شرڪت ڪئي. ڪارڪنن جي قيادت سينئر صحافي سماج سڌارڪ ۽ اديب مجيد نواز مغل ڪئي. ان موقعي تي دادو چوڪ تي ريلي کي خطاب ڪندي مجيد نواز مغل، طارق مغل ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سيپڪو ۽ ٻيون بجلي جون ڪمپنيون عوام لاءِ آزار آھن. مختلف ٽيڪسز عوام جي کيسن مان ڪڍيو وڃي ٿو ۽ عياشيون آفيسر ايم اين ايز، ايم پي ايز جج فوجي عملدار ۽ ٻيا ڪن ٿا. جن کي مفت ۾ بجلي فراھم ڪئي وڃي ٿي. ھنن وڌيڪ چيو ته سيپڪو وارا بجلي کي چوريون پاڻ ڪرائي لوڊ شيڊنگ عام ماڻھن لاء ڪن ٿا. ھنن بجلي وارن خلاف زوردار نعريبازي پڻ ڪئي.

اسلام آباد( م ڊ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ زبردست اضافو ڪيو ويو آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ زبردست اضافو ڪيو ويو آهي.پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 91 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 44 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي  قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 91 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 44 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.