بجلي بلن جو مسئلو وڌائي پيش ڪيو ويو، فوج لاءِ مفت يونٽ ناهن: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (اي پي پي+م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بجلي بلن جي مسئلي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي،بجلي  جي بلن جي معاملي تي عوام جي لاءِ رليف قدمن جو جلد اعلان ڪنداسين،بجلي بلن تي احتجاج امن امان جو سنجيده مسئلو ناهي،  بجلي بحران جو وڏو سبب مهانگي اگهن تي بجلي جي خريداري، پيداوار، پهچ ۽ بلن جي وصولي ۾ نقص آهن، اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ظالم حڪمران اچي ويا آهن ۽ غريب عوام جو رت چوسيندا، ڪنهن کي اها غلط فهمي آهي ته ختم ڪري ڇڏي، ڪير غلط فهمي ۾ نه رهي ملڪ جي هر انچ جو دفاع ڪنداسين،هن چيو ته سمورن ادارن کان پڇيو ته ڪيتري بجلي مفت استعمال ڪن ٿا، عدليه ۽ فوج مفت بجلي استعمال نٿيون ڪن، بجلي جا بل ڏيڻا پوندا، آءِ ايم ايف جي معاهدي تي عمل ڪنداسين، آءِ پي پيز،لائن لاسز ۽ چوري جي ڪري بجلي مهانگي آهي، هن چيو ته فوج ۾ ڪو به مفت جي بجلي استعمال نه پيو ڪري، دفاعي بجيٽ مان ڏئي رهيا آهيون، مهانگائي ضرور آهي پر ايتري ناهي ته ڦيٿاروڪ هڙتال ٿئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪو به بحران ناهي، مشڪل حالتون آهن، لاپتا ماڻهن جو معاملو سنجيده آهي،دهشتگردي ۽ حساس معاملا ڏسي نادرا رولز ۾ ترميم ڪئي، نادرا چيئرمين لاءِ اسپيشلائزڊ شخص جي ضرورت آهي،  قانون موجب چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، صاف ۽ شفاف چونڊن جي ذريعي اقتدار جي پرامن منتقلي جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين ۽ اينڪر پرسنز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ سيڪيورٽي جا وڏا چئلينجز درپيش آهن، مرض جي صحيح تشخيص ڪري ان جو علاج ڪيو وڃي ٿو، بجلي جي بلن جي حوالي سان احتجاج ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جهڙن مسئلن سميت مختلف پيداواري شعبن ۾ سيڙپڪاري گهٽ ٿي رهي آهي، غيرپيداواري شعبن ۾ منافعي تي گهٽ ڀاڙيو پيو وڃي، اسان به انهن مسئلن کي ٽاري سگهون ٿا پر اهو معاملو ٻيهر سامهون ايندو، اسان کي ان سوال جو جواب ڳولڻو پوندو، ان جي ڪري سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي اهڙا تبصرا ڪيا وڃن ٿا جيڪي ملڪ جي لاءِ نقصانڪار آهن. هن چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، افغانستان مان ذميواراڻو انخلا نه ٿيو پر تيزي سان انخلا ڪيو ويو جنهن جا پاڪستان سميت ٻين پاڙيسري ملڪن تي اثر پيا آهن، افغانستان جي صورتحال سان غيررياستي عنصرن فائدو کنيو، اسان پنهنجي ملڪ جي چپي چپي جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا، ڪنهن ڪالعدم تنظيم ۾ اها صلاحيت نه آهي ته اها پاڪستان جي ڪنهن انچ تي قبضو ڪري سگهي، اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڀرپور دفاع جي لاءِ تيار آهن،هن چيو ته 48 ڪلاڪن ۾ ان بابت پاليسي اعلان ڪنداسين، هڪ کان 16 گريڊ تائين واپڊا اهلڪارن جي مفت يونٽ جو معاملو نه ڇيڙيو ويندو، گريڊ 17 کان 22 تائين جي لاءِ مفت بجلي فراهمي جي معاملي تي ٻين آپشنز تي عمل ڪنداسين،هن چيو ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ آءِ پي پيز سان سوچڻ سمجهڻ کان بغير معاهدا ڪيا ويا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.