پشاور(م ڊ) بنون ضلعي ۽ اتر وزيرستان سان ڳنڍيل علائقي جاني خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 9 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل تفصيل موجب موٽرسائيڪل تي سوار آپگهاتي بمبار فوج جي قافلي ويجهو ڌماڪو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ نائب صوبيدار سميت 9 جوان شهيد ٿي ويا.مقامي پوليس موجب جاني خيل جي علائقي مالڪ خيل چيڪ پوسٽ جي ويجهو موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن سيڪيورٽي فورسز جو قافلو اتان گذري رهيو هو.آءِ ايس پي آر موجب حملي کانپوءِ فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪٽر واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان بزدلاڻي حملي ۾ ڪيترائي اهلڪار زخمي به ٿيا آهن.