لڳي ٿو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا هجڻ هاڻي ڪو سنگين ڏوهه ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد( م ڊ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته لڳي ٿو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا هجڻ هاڻي ڪو سنگين ڏوهه ناهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي  ۾ 3 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه ماڻهن لاءِ قانون سازي ثابت ڪرڻ جو معيار سخت آهي، نئين قانون تحت بي نامي ملڪيت رکڻ ڪو مسئلو ناهي. جيڪڏهن ائين ڪرڻو آهي ته پوءِ آمدني جي ڄاڻايل ذريعن کان وڌيڪ اثاثن کي ڏوهن جي درجي مان ڪڍيو وڃي.  قومي احتساب بيورو (نيب) ترميمي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 17 اڻ چونڊيل جج 25 ڪروڙ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جي قانون سازي کي بدنيتي ڪيئن ٿا چون؟ وفاق جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته سپريم ڪورٽ هميشه قانون جي حمايت ڪئي جڏهن قانون سازي ۾ ترميم جي صورت ۾ قانون کي تبديل ڪيو ويو. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته توهان چئي رهيا آهيو ته نيب ترميمن سان بنيادي حق متاثر نه ٿي رهيا آهن، لڳي ٿو آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ هاڻي سنگين ڏوهه ناهي.  وڪيل مخدوم علي خان چيو ته قانون جي شدت گهٽائڻ جو مطلب ڏوهارين جي حوصلا افزائي ناهي، مختلف دورن ۾ ڏوهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪري سگهجن ٿا، 50 ڪروڙ رپين جي حد مقرر ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته مختلف عدالتن جا آبزرويشن ڏنيون هيون.  چيف جسٽس چيو ته اهو سنگين معاملو آهي ته 49 ڪروڙ جو ڪرپشن ڪندڙ نيب مان   آزاد ٿي ويندو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.