”چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي“ قانون وزارت جو صدر کي جواب

اسلام آباد( م ڊ) قانون ۽ انصاف واري وزارت ملڪ ۾  عام چونڊن جي تاريخ تي راءِ ڏيڻ بابت صدر جي خط تي صدر عارف علوي کي جوابي خط موڪلي ڇڏيو آهي. پنهنجي جوابي خط ۾ قانون واري وزارت صدر عارف علوي کي آگاهه ڪيو ته اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار آهي، اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اليڪشن ايڪٽ تحت چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو بااختيار ادارو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تاريخ رڳو اليڪشن ڪميشن ئي ڏئي سگهي ٿي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکيو هو، جنهن ۾ هن چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات جي دعوت ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.