خيرپور ويجهو ڌرين ۾ خوني جهيڙو، مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو، ڌرڻو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ڀرسان شاھ لطيف ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪيھر شيخ ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل گل بيگ شيخ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، مارجي ويلن جو انگ  وڌي 4 ٿي ويو ان سلسلي ۾ٻڌايو ويو آهي ته شاھ لطيف ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪيھر شيخ ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو ۽ جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا موقعي قتل ٿي ويا هئا جڏھن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا جن جو علاج سول اسپتال خيرپور جي جاري ھيو جتي 3 ڄڻن مان ھڪ گل بيگ شيخ ڄڻو فوت ٿي ويو، مارجي ويلن جو انگ چار ٿي ويو، مقتول جي جنازي نماز بعد تدفين سندن اباڻي قبرستان ۾ ھٿيارن جي ڇانو ھيٺ ٿي جڏھن ته علائقي ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال برقرار آھي، جڏهن ته شيخ برادري جي ٻن ڌُرين وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل سُپريئر سائنس ڪاليج جي فرسٽ ايئر جي شاگرد شاهزيب شيخ ۽ پٽيوالي گُل بيگ شيخ جي قتل خلاف سوين استادن شاگردن ۽ ملازمن پاران اولڊ نيشنل هاءِ وي تي تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته شاگرد، پٽيوالي ۽ ٻين کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، خيرپور اندر امن امان جي صورتحال بلڪل خراب ٿي چُڪي آهي ۽ قتل سميت سنگين نوعيت جي وارداتُن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.