ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ڀرپاسي جون ليزون رد، ڊي سي ٿر اڄ هاءِ ڪورٽ طلب

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد, ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏنل ليزون 24 ڪلاڪن ۾ رد ڪري اڄ ڊي سي ٿرپارڪر کي رپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وڪيل شنڪر ميگهواڙ پاران داخل پٽيشن تي جسٽس محمد شفيع  صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت پاران طلب ڪرڻ تي وائلڊ لائيف ۽ منرل ڊولپمينٽ کاتي جا عملدار پيش ٿيا. پٽيشنرن عدالت کي آگاهي ڏيندي استدعا ڪئي ته ڪارونجهر جبل مان اڃا تائين پٿر ڪٽڻ وارو سلسلو جاري آهي جنهن کي روڪي ثقافتي ورثي کي نيشنل هيريٽيج ( قومي ورثو)  قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت پاران سهڪار لاءِ مقرر وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي ماڻهن توڙن ڪجهه مذهبن لاءِ مقدس ۽ خاص ڪري جين ڌرم لاءِ پاڪ پٿر جو درجو رکي ٿو. ڪارونجهر جو پٿر گرينائيٽ توڙي ٻيا آثار سمورا قيمتي آهن جن جي ڪٽائي کان سرڪار کي مستقل بنيادن تي روڪڻ جي اهم ضرورت آهي. عدالت عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان اڃا تائين ليزون ختم ڪري ڪٽائي ڪندڙ ڪمپنين ۽ ماڻهن کي واپس ڇو ناهي اماڻيو جنهن تي عملدار عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪارونجهر توڙي ڀرپاسي جاري ڪيل سمورين مائيننگ ليز کي رد ڪيو ويو آهي. آخري نيلامي وارا نوٽيس به واپس ورتا ويا آهن. ٻڌڻي دوران جسٽس محمد شفيع صديقي رمارڪس ڏنا ته دنيا ۾ ورلڊ هيريٽيج جهڙي سائيٽ ۽ تاريخي ماڳ جي کوٽائي لاءِ ليز ڏني وئي. غيرقانوني ليز ڏيڻ ۽ غيرآئيني طريقي سان ڪٽنگ ڪري ڪارونجهر سان هٿ چراند ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.