ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته پاڪستان هن وقت بدترين بين الاقوامي مالياتي سامراج کي منهن ڏئي رهيو آهي، هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو آهي ته پاڪستان جيڪو هڪ خودمختار ملڪ آهي، ان کي پنهنجي عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف جي اجازت گهربل آهي، بجلي ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ واڌ آءِ ايم ايف جي شرطن جو نتيجو آهي، پاڪستان جو غريب عوام رستن تي آهي ۽ اشرافيه مفت بجلي جا مزا وٺي رهي آهي.