ڪراچي( رپورٽر) ملڪ جي ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اڏام جاري رهي. انٽر بئنڪ ۾ هڪ رپيو 40 پئسا واڌ کانپوءِ ڊالر جي قيمت 304 رپيا 45 پئسا تي پهچي وئي. ان کان علاوه اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو ۽ ڊالر 1.50 رپيا مهانگو ٿي 319.50 رپيا ٿي ويو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي ڪاروباري ڏينهن رهيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 525 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 46244 تي بند ٿيو. شيئر مارڪيٽ ۾ 20 ڪروڙ شيئرز جا سودا 8.98 ارب رپين ۾ طئي ٿيا جڏهن ته مارڪيٽ سرمائيداري 76 ارب رپين جي گهٽتائي سان 6895 ارب رپيا ٿي وئي.