نيب قانون ذريعي سياسي انتقام جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميمن جي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب قانون ذريعي   سياسي انتقام جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ نيب ترميمن خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ حڪومت طرفان اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته نيب 50 ڪروڙن کان گهٽ ڪرپشن جا ڪيس واپس وٺي ڇڏيا، ڪهڙي قانون تحت اهو فرق ٺاهيو ويو آهي؟ ان تي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته پاڪستان ۾ احتساب جي نظام جو محافظ نيب آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته احتساب جي قانونن ۾ سڀ کان سخت قانون نيب جو ئي آهي، نيب جي دائري مان نڪرندڙ ڪنهن ٻئي قانون تحت احتساب جي عمل ۾ شامل ٿيندا، ڇا 50 ڪروڙن جي حد ان لاءِ مقرر ڪئي وئي ته وڏي مڇي کي پڪڙيو ويو؟ ڇا 50 ڪروڙن کان گهٽ جي ڪرپشن ڪندڙن کي عزت ڏني پئي وڃي؟ چيف جسٽس چيو ته نيب ٽرائل جي رفتار تمام سست هوندو آهي، نيب ترميمن 2022 ۾ انڪوائري وقت جوابدار جي گرفتاري کي ڪڍيو ويو. انڪوائري سطح تي گرفتاري نيب جي پڪڙ ۽ سياستدانن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.