ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر واضح طور تي اعلان ڪيو آهي ته حڪومت رهائشي ۽ ڪمرشل عمارتن جي لي آئوٽ پلانن جي منظوري ۾ ڪابه رڪاوٽ يا پابندي نه لڳائيندي. هن چيو ته ڪمرشل ۽ رهائشي عمارتن جي تعميراتي منصوبن جي منظوري تي ڪابه پابندي ناهي ۽ هن واضح طور تي چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي يا بلڊرز پاران بلڊنگن جي قانون، قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي. نگران وڏي وزير چيو ته غير قانوني طور تي اڏيل عمارتن کي ريگيولر ڪرڻ بابت ڪابه تجويز غور هيٺ ناهي.