ڪي اليڪٽرڪ وارن قانون هٿ ۾ کنيو ته اسان به ايئن ڪنداسين:فاروق ستار

ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار  چيو آهي ته واپارين سان گڏ آهيون، جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ وارن قانون ۾ هٿ کنيو ته اسان به ايئن ڪنداسين، ٽمبر مارٽ ايسوسيئيشن ٽريڊرز سان گڏ پريس ڪانفرنس   دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته بجلي جي قيمتن تي ماڻهن جون دانهون نڪري ويون آهن، اسان واپاري برادري جا مسئلا حل  ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪنداسين، واپاري برادري سان گڏ آهيون، ٽمبر مارڪيٽ جي مختلف علائقن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جڏهن واپارين سان زيادتيون ٿينديون ته رد عمل ته ايندو، اڄ ڪراچي جي واپاري برادري جو وفد ايم ڪيو ايم آفيس پهتو آهي، واپارين سان پيش ايندڙ مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، بجلي، گئس  پاڻي سان جڙيل مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪي اليڪٽرڪ قانون هٿ ۾ کنيو ته اسان به پوءِ ايئن ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.