ڪلوئي ۾ مليريا وبا ٻن ڄڻن کان زندگيون کسي ورتيون

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ) ڪلوئي ۾ مليريا وبائي صورتحال اختيار ڪري وئي ٻن ڏينهن دوران ٻه ڄڻا مليريا وگھي فوت ٿي ويا، ٻه هزار کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا، هن وقت ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ڪلوئي جاڳن لنڊ، بلوچ آباد، ونگو پتڻ، ستون ميل، ڪمهالو کاڙڪ ۽ ٻين هنڌن تي مليريا وبائي صورتحال اختيار ڪري وئي، ڪيترن ماڻهن کي مليريا وٽي ڇڏيو، ٻن ڏينهن دوران ڪلوئي واسي پرکو ڀيل ۽ ڳوٺ صديق دل واسي مطلب دل مليريا بخار سبب فوت ٿي ويا، ڪلوئي تعلقي جون سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون مليريا جي مريض سان سٿجي ويون، جڏهن ته صحت کاتي ٿرپارڪر پاران مليريا جون ملندڙ گوريون به ڪلوئي تعلقي جي ڪنهن به اسپتال کي ناهن ڏنيون ويون، سڄاڻ ڌرين ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته مليريا تباهي مچائي ڇڏي آهي، دوائن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.