ڪوئيٽا(م ڊ) وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي اهتمام هيٺ لاپتا ماڻهن جي عالمي ڏينهن تي ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو، بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل خطاب ۾ چيو ته لاپتا ماڻهن جي مسئلن تي ڪيتريون ئي ڪميشنون بڻايون ويون، ڪيتريون ئي عدالتون لڳايون ويون پر اڄ تائين ڪو بازياب نه ٿي سگهيو، 6 فيبروري 1970ع تي منهنجي وڏي ڀاءُ اسد مينگل کي لاپتا ڪيو ويو ڪجهه گهڙين کانپوءِ ئي اسان کي خبر پئي ته اسد مينگل هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو، ان جي باوجود اسان هن جي انتظار ۾ آهيون، هن چيو ته جيڪڏهن توهان جي ملڪ جي سالميت اسان جي خون ۽ لاشن ۾ رکي وئي آهي ته اهو قائم نٿو رهي سگهي، چچريل لاشن ۾ گوشت ۽ چمڙي ختم ٿي ويندي آهي پر انهن جون هڏيون صدائون لڳائينديون آهن،مان ڪنهن به صورت ۾ نياڻين جي خودڪش حملن جي حمايت نه ڪندس، پر اهو سوچڻ گهرجي ته اهي خودڪش حملي تي مجبور ڇو ٿيون؟ هن چيو ته آپگهاتي حملي آور ٻارڙي جي مامي کي لاپتا ڪيو ويو هن جي ناني حاجي عبدالله کي پيغام ڏنو ويو ته هو بي اين پي ڇڏي ڏئي ته ان جي لاپتا ماڻهن کي ڇڏي ڏينداسين،هن چيو ته اڄ پورو بلوچستان اذيت جو شڪار آهي، هاڻي اسان جي رڳو هڪ ئي ايجنڊا آهي لاپتا ماڻهن جي بازيابي آهي، لاپتا ماڻهن لاءِ بلوچستان جا ماڻهو جنهن حد تائين چوندا ان حد تائين وينداسين