”غيرجانبداري“ جون دعوائون وائکيون ٿي ويون: ايڇ آر سي پي

ڪراچي/ڄامشورو/ٽنڊومحمد خان( نمائندا ) ڪراچي ۾ گم ٿيلن جي آزادي لاءِ ڌرڻو ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاج، گم ٿيلن جي آزادي جو مطالبو،  ڪراچي جي فريئر هال ۾ گم ٿيلن جي وارثن، انساني حقن جي ڪميشن  پاڪستان، سنڌ سجاڳ فورم، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي، وائس آف بلوچ مسنگ پرسنز ۽  وائيس آف شيعه مسنگ پرسنز، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين تنظيمن طرفان گم ٿيلن جي آزادي لاءِ ڌرڻو هنيو ويو، جتي نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته هو صرف پيارن جي آزادي چاهين ٿا، پاڪستان جي آئين تحت سندن پيارن کي آزاد ڪيو وڃي، ان کانپوءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو پڻ گم ٿيلن بابت عالمي ڏينهن جي حوالي سان احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن اسد بٽ، تاج جويو، ناصر منصور،شيما ڪرماڻي،الاهي بخش بڪڪ، سميع الدين بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ نالي جي جمهوريت آهي، جيڪا شهرين جو تحفظ نه ٿي ڪري سگهي، هنن چيو ته اهي ڪهڙا هٿ آهن جيڪي پاڪستان جي آئين کي به نه ٿا مڃين، جمهوريت توڙي عدليه به سندن پيارن کي واپس نه ڪرائي سگهي آهي، ان ڪري اسان مظلومن سان گڏجي گم ٿيلن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آواز اٿاري رهيا آهيون ته گم ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن سندن پيارن تي ڪي ڪيس يا الزام آهن ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي هو ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هنن وفاقي حڪومت ۽ عدليه کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سندن پيارن جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي بند ڪيو وڃي، اسلام آباد ۾ به گم ٿيلن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ سڀا جي سنڌي انعام به شرڪت ڪئي.هوڏانهن   ڄامشورو ۾ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ رهبر ڪميٽي جي سڏ تي اڳواڻن منير بگٽي، عابد جمالي، سعيد تيوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کنڀي گم ڪيلن جا فوٽو بينر کڻي احتجاجي ريلي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته رياستي ادارن طرفان سنڌ مان سوين قومي ڪارڪن بنا ڪنهن ڏوھ جي کنڀي گم ڪيا ويا آهن جيڪا خود رياست پنهنجي ۽ اقوام متحده جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي،هنن جبري گمشدگين جي عالمي ڏينهن تي اقوام متحده ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن سمورن قومي ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪرايو وڃي ۽ جيڪي ڪو قومي ڪارڪن ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث آهي ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم ، سول سوسائٽي ، سماجي تنظيمن جي طرفان انساني حقن واري عالمي ڏهاڙي تي سنڌ مان قومي ڪارڪنن جي گرفتارين ، کنڀي کڻي گم ڪرڻ جي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم آريسر گروپ ، جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو گروپ ، سول سوسائٽي ، سماجي تنظيمن طرفان انساني حقن واري عالم ڏهاڙي واري موقعي تي سنڌ مان قومي ڪارڪنن جي گرفتارين ، کنڀي کڻي گم ڪرڻ وارن واقعن خلاف جسقم آريسر گروپ جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري ، شاھ فهد ڀٽي ، سڪندر سنڌي ، جيئي سنڌ محاذ جي ڊويزنل صدر زاهد جسڪاڻي ، اصغر نوناري ، ساجد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊن کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري مختلف چوڪن تان گذرڻ بعد ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو ، احتجاج دوران جسقم جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دنيا لاءِ يتيم خانو بڻيل آهي جتي افغاني ، برمي ، بنگالي، بيهاري توڙي ٻيا غيرملڪي ماڻهو اچي مستقل باشنده بڻجي رهيا آهن ، سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي بي دخل ڪرڻ جو سازشون جاري آهن سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن جي کنڀي کڻي گم ڪرڻ جا واقعا هاڻي روز جو معمول بڻجي ويا آهن ، قومي ڪارڪنن کي بنا ڪنهن سبب کنڀي کڻي گم ڪرڻ کانپوءِ نامعلوم هنڌن تي تشدد جو نشانو بڻائي ٽارچر سيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي جنهن جو انساني حقن جي عالمي تنظيمن طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي نه وري سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي سرڪار جي طرفان ڪا مالڪي ڪئي وڃي پئي ، سنڌ جي اندر انساني حقن جي خلاف ورزي جا واقعا عروج تي پهچي ويا آهن ، سنڌ جي نياڻين کي جاگيردار وڏيرا ، ڀوتار ، پير هاڻي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي سندن جنوني ذهنيت سان وحشت جو نشانو بڻائي قتل عام ڪري رهيا آهن ، راڻيپور ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪيترن ئي نوجوانن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي،شهر ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي

لاهور(م ڊ) جبري گمشدگين جي عالمي ڏينهن تي انساني حقن واري ڪميشن(ايڇ آر سي پي ) ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته نه ته متاثرن جو  پتو لڳائڻ ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي نه ئي ڏوهارين جو احتساب ٿي سگهيو آهي، سول سوسائٽي ۽ متاثرن جي گهرڀاتين ڪيترائي ڀيرا مطالبو ڪيو آهي ته جبري گمشدگين تي قانون سازي ڪئي وڃي پر رياست ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، ايندڙ چونڊيل حڪومت ان معاملي ۾ وڌيڪ لنوائڻ کان ڪم وٺڻ جي سٽ نٿي سهي سگهي، اسلام آباد ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته جولاءِ 2019ع ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ هڪ خاص سيل قائم ٿيڻ باوجود جبري گمشدگين جي خاتمي تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي، غيرقانوني حراستي مرڪز بند ڪيا وڃن، لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران ايڇ آرسي پي جي چيئرپرسنن حنا جيلاني چيو ته ان ڏوهه جي تعريف ۽ ان لاءِ سزا جو تعين عالمي اصولن کي نظر ۾ رکي ڪيو وڃي، جبري گمشدگين تي قائم انڪوائري ڪميشن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي هن چيو ته انهن ماڻهن جو احتساب ڪيو وڃي جيڪي اهڙين ڀڃڪڙين جو حڪم يا اجازت ڏيندا آهن، ذميوار عنصرن پاران ڪيل ” غيرجانبداري“ جون دعوائون وائکيون ٿي ويون آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.