هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو بجلي بل بڻيل آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير پيپلزپارٽي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار ويندي ويندي سنڌ جي عوام کي هزارين نوڪريون ڏنيون پر ايم ڪيوايم هميشه جيان هن ڀيري به عدالت ۾ نوڪريون روڪرائي بي روزگار ماڻهن سان زيادتي ڪئي آهي، عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن نوڪرين تي هنيل اسٽي ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي پابندي واري حڪم تي نظرثاني ڪن،  شرجيل انعام ميمڻ اهڙو اظهار اڳوڻي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سان گڏ بلاول هائوس ميڊيا سيل ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سموريون نوڪريون آئي بي اي ٽيسٽ وسيلي ميرٽ تي ڏنيون آهن، هن نگران وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته بجلي جا اگهه وڌڻ ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين سپلائي ڪندڙ ڪمپنين پاران واڌو يونٽ لڳائي صارفن سان زيادتي واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ جلد رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار توانائي بحران جي حل لاءِ ٿر جي ڪوئلي مان 26 سئو ميگاواٽ،ونڊ مان 3 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري نيشنل گريڊ ۾ شامل ڪئي، هن چيو ته  ڪنهن به صوبائي سرڪار کي پنهنجي بجلي صوبي ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي ان ڪري اسان جيڪا بجلي پيدا ڪئي اها نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي،  اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان بابت آيل عدالتي فيصلي تي تبصروڪندي چيو ته عمران خان جي24 ڏينهن اندر سزا ختم ڪئي وئي، ملڪ ۾ ان کان اڳ اهڙو مثال نه ٿوملي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.