سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان نوڪرين تي لڳايل پابندي واري حڪم ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل )سنڌ هاءِ ڪورٽ گريڊ هڪ کان 15هين گريڊ تائين نوڪرين تي لڳايل پابندي واري حڪم ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڌرين کي ٽن ڏينهن اندر نوٽيس تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي عدالت ۾ هڪ کان 15 گريڊ تائين پابندي جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم نوڪرين تي پابندي جي فيصلي جي باوجود نوڪريون ڏيڻ جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا، وڪيل فروغ نسيم جو چوڻ آهي ته سڄي رات آفيسون کليل رهيون ۽ پوئين تاريخن تي آرڊر ڏنا ويا، سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪنهن به ڌر کي نوٽيس ۽ درخواست جي ڪاپي نه ملي آهي، جيڪڏهن ڪنهن اداري وٽ درخواست جي ڪاپي نه هجي ته جواب ڪيئن ڏيندو؟ ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته سڄي نظام کي مذاق بڻايو ويو آهي، عدالتي حمڪن باوجود ميوزڪ جا استاد ڀرتي ڪيا ويا جنهن سيڪريٽريز ۽ آفيسرن عدالتي حڪمن جي  ڀڃڪڙي ڪندي پراڻين تاريخن تي آرڊر جاري ڪيا آهن انهن کي معطل ڪيو وڃي، جسٽس ظفر راجپوت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان هڪ هفتي جو ٽائم ڏئي رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.