اسلام آباد(م ڊ) شگر مافيا حڪومت جي اجازت کان وڌيڪ کنڊ ايڪسپورٽ ڪري ڇڏي، هاڻي مهانگي کنڊ امپورٽ ڪئي ويندي. ملڪ ۾ سستي کنڊ کي حد کان وڌيڪ قرار ڏئي حڪومت جي اجازت تحت وڌيڪ کنڊ ايڪسپورٽ ڪري ڊالرن ۾ منافعو ڪمائڻ کانپوءِ شگر مافيا هاڻي کنڊ جا ذخيرا گهٽجڻ تي ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي سان مهانگي کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪري ورتي آهي. وفاقي حڪومت 220 رپيا في ڪلو جي حساب سان 10 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. مهانگي کنڊ امپورٽ ڪرڻ بعد صارف به مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، جڏهن ته شگر مل مالڪن جي منافعي جو بار سرڪاري خزاني ۽ صارفين جي کيسي تي پوندو. ان حوالي سان شگر ملز مالڪن کان ڪا به پڇا ڳاڇا نه ڪئي وئي، ڪمند جي بمپر پيداوار کانپوءِ ايندڙ ڪرشنگ سيزن ۾ وڌيڪ ڪمند پيدا ٿيندو، پر ماڻهو سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا اها ئي ڪهاڻي ٻيهر ورجائي ويندي يا واپرائڻ وارن کي ملندو؟ کنڊ جو فائدو؟. خوراڪ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ جا اضافي ذخيرا ختم ٿيڻ سان ٻاهران گهرايل کنڊ مارڪيٽ ۾ ايندي، شهري 100 رپيا في ڪلو جي سرڪاري اگهه تي 220 رپيا في ڪلو کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. پنجاب جي خوراڪ کاتي جي ترجمان کنڊ بحران جي امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ کنڊ جا ڪافي ذخيرا موجود آهن.