پ پ پ جي حڪمراني کانپوءِ نواز شريف جي حاڪميت، مٿان عمران خان جو حڪومت دؤر وري پي ڊي ايم پ پ پ جي گڏيل حڪومت، ھاڻ نگران حڪومت ! سوال اھو آھي ته عوام کي ڇا مليو؟ مھانگائي بيروزگاري بدامني ۽ بدانتظامي ، حڪمران تبديل ٿيندا رھيا پارٽيون پنھنجو وارو وڄائينديون رھيون وزير مشير سندن واٺا ڪامورا ڀربا رھيا ۽ عوام لٽبو ڦربو رھيو . ملڪ جي نالي ھر قرباني عوام کان ورتي پئي وڃي. عوام غريب کان غريب تر ٿيندو پيو وڃي . اسان جون سياسي پارٽيون غريب عوام خاطر سياست ڪنديون ٿيون رھن ته وري حڪمراني ڪندڙ به غريب عوام خاطر حڪومت ڪرڻ جون ٻٽاڪون هڻندا ٿا رھن جڏھن غريب عوام مٿان ٽيڪسن جو ايترو ته بار وڌو ويو آهي جو ھاڻي اھو بار وزن کان چڙھي ويو آھي . ملازم طبقي کان وٺي وچولي زندگي گذاريندڙ عوام جو گذر سفر ڏکيو ٿي ويو آھي ته پوءِ ھڪ مزدور ۽ ڏھاڙي ڪمائيندڙ جي گھر جو چُلھو ڪئين ٻري سگھندو ھوندو !
عام کاڌ خوراڪ جون شيون ، دوائون ۽ عام استعمال جون شيون ايتريون ته مھانگيون ٿي ويون آھن جو سفيد پوش به ھاڻ غربت جون دانھون ڪندي نظر ٿا اچن . ھڪ پاسي اھو حشر آھي ته ٻئي طرف وري پيٽرول بجلي گيس ۾ لاڳيتو اضافو عوام جي برداشت کان ٻاھر ٿي ويو آھي . اسان جو اُھي سياسي جماعتون جيڪي اقتدار ۾ رھنديون پيون اچن ۽ وري اقتدار ۾ اچڻ لاءِ عوام وٽ اچي رھيا آھن سڀ ھن صورتحال جا ذميوار آھن .
ھن سڄي صورتحال ۾ عوام جو ڪوبه سڄڻ ناھي، ھاڻ جڏھن اقتدار کان ٻاھر آھن ته عوام جي ردعمل کان پاڻ بچائڻ لاءِ روڊن تي اچي ھمدرديون حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ چاھين ٿا. ڏسجي ته عوام جيڪو احتجاج جو رستو ورتو آھي پاڻ ورتو آھي ڪنھن به سياسي ڌر جي ڪارگذاري ناھي ، ھو ان جو فائدو وٺڻ چاھين ٿا پر عوام کين سڃاڻي ورتو آھي ته سياسي پارٽيون پنھنجي مقصد ۽ مطلب لاءِ عوام جي ڳالهھ ڪندڙ آھن .
بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ ڳرن بلن خلاف جيڪو عوامي ردعمل نظر اچي رھيو آھي اھو جيڪڏھن ڀڙڪي پيو ته پوءِ وڏو نتيجو ڏئي سگھي ٿو. اھو نتيجو ملڪ جي بنيادن کي لوڏي سگھي ٿو. تنھن ڪري سگھارا ھٿ پنھنجو موقف تبديل ڪندي دير نه ڪندا ۽ سياسي پارٽين توڙي اڳوڻن حڪمرانن لاءِ ماحول گرم ڪري ڇڏيندا . جيتوڻيڪ ملڪ اندر نگران حڪومتون باضابطه ڪم ڪري رھيون آھن پر ھن نگران حڪمرانن کي به عوام کي رليف ڏيڻ واري سگھه ناھي . چونڊن کان اڳ اھڙو ته دنگل ٿيڻو آھي جو عوامي ردعمل جو فائدو ڪيترا ئي وٺندا . عوامي رد عمل کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا ويندا .جيڪڏھن ردعمل طاقتور بڻيو ۽ عوام ھمت ڀري بڻجي رياست کي مجبور ڪري ورتو ته ھو عوام جي ترجمان بڻجي ته پوءِ ملڪ ھڪ عوامي شعور جي پختگي ۽ حقيقي تبديلي جو مظھر ھوندو .
ھي بجلي جا رڳو ڳرا بل نه ھوندا پر ھر بل باھ حوالي ھوندا جيڪاباھ بلن کي ساڙي رک ته ڪري ڇڏيندي پر ڪرپٽ حڪمرانن ، ڪامورن ۽ انھن جي واٺن کي به پڌرو ڪري ساڙي ڇڏيندي . ڏسجي ته نگران حڪومت عوامي ردعمل تي پنھنجو ڪھڙو عمل ظاھر ڪري ٿي . نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ته ڪابينا جوفوري اجلاس گھرايو جيڪو ٻن ڏينھن کان پاليسي ڏئي نه سگھيا آھن . جنھن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته نگران حڪومت نگران ثابت نه ٿي سگھبا . سندن فيصلن تي عوام جا اھنج گھٽبا ته نه ويتر ان ۾ واڌارو ٿيندو ۽ ان کي گھٽائڻ سندن وس کان زور ھوندو .بجلي جي ڳرن بلن سبب خودڪشيون به ٿيڻ لڳيون آھن ته وري دل بيھڻ جا واقعا به پيش اچڻ لڳا آھن خبر ناھي حڪمران ڇا چاھين ٿا ؟ پيٽرول جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ ۽ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي اھميت خطرناڪ حد تائين گھٽجڻ جيڪي مھانگائي جو طوفان آندو آھي ان ته عوام کان زندگيءَ جو حق کسي ورتو آھي ۽ ان کسيل زندگي کي به عذاب بڻائڻ لاءِ جيڪي ھٿرادو شين جي کوٽ ڪري وري بليڪ تي وڪرو ڪندڙ مافيا به حڪومتن سان ٻٽ بڻيل آھن فقط عوام سان گڏ ڪير ناھي ته سياسي اڳواڻ ناھي جيڪو اقتدار خاطر ھر عوام دشمن پاليسي کي قبولي وٺي ٿو . ھي ملڪ جيتوڻيڪ مڪمل طور آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيل آھي جيڪو اھڙيون پاليسيون ڏئي رھيو آھي جنھن سان ملڪ بک بد حالي جي ور چڙھي وڃي ته جئين کين وڌيڪ مداخلت جا موقعا ملي سگھن ۽ ملندا رھن ٿا .
عوامي رد عمل اڳيان حڪمران ڪٿي نظر ايندا ! خبر ناھي ته اھو ردعمل ڪيترو سگھارو بڻبو اھو وقت ٻڌائيندو!! تنھن ھوندي به حڪمران بي وس نظر اچي رھيا آھن جيڪي آزادي سان پنھنجو مؤقف بيان ڪرڻ توڙي پاليسي ڏيڻ جي قابل ناھن .