ائين چيو ويندو آهي ته کِلڻ هڪ بهترين دوا آهي ۽ دل جي صحت لاءِ اها ڳالهه حقيقت آهي.
اهو انڪشاف برازيل ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
Hospital de Clínicas de Porto Alegre جي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته کِلڻ سان دل جو مرضن جي شڪار ماڻهن جو ورم گھٽبو آهي جڏهن ته دل جي صحت بهتر ٿيندي آهي.
تحقيق موجب کلڻ سان دل جي اندر موجود ٽشوز پکڙجندا آهن جڏهن ته جسم ۾ آڪسيجن جو وهڪرو وڌندو آهي.
محققن ٻڌايو ته کلڻ سان دل جي شريانين جي نظام جا فعل به بهتر ٿيندا آهن.
پنهنجي طرز جي پهرين تحقيق ۾ اهو ڏٺو ويو هو ته کلڻ سان دل جي مرضن جي مريضن جون علامتون ڪنهن حد تائين بهتر ٿينديون آهن.
ان مقصد لاءِ 26 ماڻهن کي تحقيق جو حصو بڻايو ويو جن جي سراسري طور عمر 64 سال هئي ۽ انهن سڀني ۾ دل جي مرضن جي سڃاڻپ ٿي هئي.
انهن ماڻهن کي ڌڙن ۾ ورهايو ويو ۽ 3 مهينن تائين هڪ گروپ کي هر هفتي ٻه مختلف ڪاميڊي پروگرام ڏسڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ٻي پاسي ٻئي گروپ کي ٻه سنجيدا پروگرام ڏسڻ جو چيو ويو.
12 هفتن کان پوءِ دريافت ٿيو ته ڪاميڊي پروگرام ڏسندڙن جي صحت بهتر ٿي آهي.
تحقيق موجب انهن ماڻهن جي دل جي جسم جي هر حصي ۾ آڪسيجن پهچائڻ جي صلاحيت 10 سيڪڙو بهتر ٿي جڏهن ته انهن جي دل جون سوڙهيون شريانيون به پکڙجي ويون.
انهن ماڻهن جي رت جي نموننن جي جاچ ڪري ورم جي آثار کي ڏٺو ويو ڇو جو ان سان شريانين ۾ مواد جمع ٿيڻ جو اشارو ملندو آهي.
نتيجن مان ثابت ٿيو ته سوڄ جو سبب بڻجندڙ عنصرن ۾ نمايان گھٽتائي آئي.
محققن موجب نتيجن مان ثابت ٿئي ٿو ته کلڻ کي ٿيراپي طور استعمال ڪرڻ سان هارٽ اٽيڪ ۽ فالج جو خطرو گھٽجي وڃي ٿو جڏهن ته سوڄ ۾ گھٽتائي ٿئي ٿي.
ماهرن موجب ان طريقي سان دوائن تي گھٽ ڀاڙڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
محققن موجب کلڻ سان هڪ هارمون اينڊروفينز خارج ٿيندو آهي جنهن سان سوڄ گھٽبي آهي جڏهن ته دل ۽ شريانين کي پرسڪون ٿيڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ان هارمون سان جسم ۾ دٻاءَ وڌائيندڙ هارمونز جي سطح به گھٽجي ويندي آهي جنهن سان به دل جي صحت کي فائدو ٿيندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجا يورپين سوسائٽي آف ڪارڊيالوجي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي پيش ڪيو ويو.