يوفون ۽ ٽيلينار استعمال ڪندڙن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يوفون 108 ارب رپين ۾ ٽيلينار کي خريد ڪري ورتو.
پاڪستان جي پي ٽي سي ايل گروپ (يوفون) پاران هڪ اهم اعلان ڪيو ويو آهي. پي ٽي سي ايل ڪمپني جلد ٽيليڪام ڪمپني (ٽيلينار) جا 100 سيڪڙو شيئرز خريد ڪندي.
ذريعن موجب ڪمپني جي خريداري جو عمل 2024ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، ڪمپني جي وڪري جو عمل ضابطن جي منظوري سان مشروط ڪيو ويندو.
پي ٽي سي ايل پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ٽيلينار پاڪستان جي 100 سيڪڙو شيئرز جي خريداري جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. 100 سيڪڙو شيئرزجي خريداري 108 ارب رپيا هوندي.
پي ٽي سي ايل پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ان حوالي سان تصدي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.