پاڪستان ۾ آبادي ۾ واڌ روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي پاليسي جوڙڻ جي تجويز

پاڪستان ۾ آبادي ۾ واڌ روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي پاليسي جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
يو اين پاپوليشن فنڊ ۽ پائيڊ جي ڀائيواري سان رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ آبادي ۾ واڌ روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي پاليسي جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن جي گهٽ پيدائش لاءِ ملڪ ۾ وڏي پئماني تي پروگرام شروع ڪيو وڃي، ٻارن جي پيدائش ۾ گهٽتائي جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، آبادي ۾ واڌ روڪڻ لاءِ فيملي پلاننگ جون خدمتون فراهم ڪيون وڃن.
رپورٽ ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته ٻارن جي پيدائش ۾ گهٽتائي ۽ وقفي لاءِ فيملي پلاننگ جون خدمتون ڏنيون وڃن ۽ صحت جي بهتري لاءِ قدم کنيا وڃن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به صوبي ۾ ٻارن جي پيدائش ۾ گهٽتائي جو رجحان نه ڏٺو ويو.
رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته صحت ۽ تعليم جي بجيٽ وڌائي وڃي، فائديمند ملازمتن جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.