وهاج علي عالمي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جو اداڪار وهاج علي بهترين شخصيت جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
برطانوي ميگزين ايسٽرن آءِ پاران ايشيا جي 50 بهترين شخصيتن جي هڪ لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن فلم، ٽي وي، موسيقي، ادب ۽ سوشل ميڊيا سوڌو مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي.
ان لسٽ ۾ پاڪستاني اداڪار وهاج علي پنهنجي اداڪاري جي ڪري نائين نمبر تي آهي.
لسٽ ۾ ٽاپ 10 ۾ شامل اڪيلي پاڪستاني اداڪار وهاج علي هالي ووڊ سوڌو سڀني صنعتن جي عالمي شخصيتن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.