لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته امتحان لاءِ ڪيو ويندڙ تياريون به ماحول ۾ وڏي مقدار ۾ گرين هائوس گيس خارج ٿيڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.
برطانيا جي ڪواليفڪيشن ۽ اگزيمنيشنز ريگوليشن آفيس پاران ڪيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انگريزي ٻولي جي جي سي ايس اي جي هڪ امتحان جي تياري، پرنٽنگ، امتحان ڏين ۽ مارڪنگ جي عمل ۾ 5.6 ڪلوگرام ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿيندي آهي.
امتهان ۾ هڪ بيٺڪ ۾ خارج ٿيندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو اهو مقدار 60 ڊگري سيلسيس تي واشنگ مشين کي پنج ڀيرا هلائڻ يا 1.82 ڪلوميٽرن تائين پيٽرول تي گاڏي هلائڻ جي برابر آهي.
ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج جي وڏي حصي جو سبب امتحان ڏيڻ لاءِ ايندڙ شاگرد ۽ انتظاميا هوندي آهي جڏهن ته جاءِ گرم ۽ روشن ڪرڻ جا انتظام به اهم عملن ۾ شامل آهن.
هلندڙ سال تقريبن 7 لک 80 هزار شاگرد انگلش بولي جي جي سي ايس اي امتحان ۾ ويٺا ۽ رڳو ان امتحان جي ڪري 4 هزار 368 ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ماحول جو حصو بڻي.
پنهنجي نوعيت جي ان پهرين تحقيق ۾ ڪواليفڪيشن ۽ اگزيمنيشنز ريگوليشن آفيس انهن سڀني وسيلن جو معائنو ڪيو جيڪي هڪ امتحان لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. معائني ۾ امتحاني عمل جي هر قدم کي يعني سوال نامو بڻائڻ کان وٺي امتحاني ڪاپي تلف ڪرڻ تائين کي غور سان ڏٺو ويو.
ظاهري طور لڳندو آهي ته موسم جي حوالي سان ان مسئلي جو سڀ کان وڏو ڪردار امتحاني شيٽ ٿي سگھي ٿي پر حقيقت ۾ شاگرد ۽ انتظاميا جو امتحاني مرڪزن ۾ اچڻ سڀ کان اهم سبب جي طور تي سامهون آيو.
ان امتحان جي ڪري خارج ٿيل ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو 50 سيڪڙو حصو ٽرانسپورٽ جي صورت ۾ سامهون ايندو آهي. 30 سيڪڙو حصو امتحان جي ڏينهن گرمائش ۽ روشني جي استعمال لاءِ استعمال ٿيندڙ توانائي جو هوندو آهي جڏهن ته باقي 20 سيڪڙو امتحان جي اسڪيننگ ۽ مارڪنگ، اسٽاف جي تربيت ۽ ڪاغذن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ جو هوندو آهي.
Next Post
You might also like