لاهور(پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته عوام بجلي جي بلن ۾ ظالماڻي واڌ خلاف سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جي تياري ڪري.جماعت اسلامي جي هڙتال پرامن هوندي ڪو به جلائو گھيراءُ نه ٿيندو،هن چيو ته واپاري تنظيمن عالمن وڪيلن، نوجوانن، شاگردن ۽ ٻين طبقن پاران هڙتال جي حمايت تي شڪر گذار آهيون. بجلي جا بل وڌائڻ نگران حڪومت جو ڪم ناهي. نگران حڪمران 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي نمائندن جي حوالي ڪن ته اهو قوم تي وڏو احسان هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ تاجر اڳواڻن سان پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو.ان موقعي تي نائب امير جماعت اسلامي ميان محمد اسلم ۽ امير جماعت اسلامي اسلام آباد نصرالله رنڌاوا پڻ موجود هئا.هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي ماهوار آمدني 30 هزار آهي ته ان کي 50 هزار بل اچي ٿو حڪومت ٻڌائي ته ڪيئن ادا ڪري؟ هن چيو ته هر شهري بل ادا ڪرڻ چاهي ٿو پر بجلي جي بلن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس شامل ڪرڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟ جيڪو ماڻهو بجلي استعمال ڪري ٿو اهو ئي چارج ڪيو وڃي حڪومت عوام تي بار وجهڻ بدران 320 ارب جي سالياني بجلي چوري ختم ڪري 580 ارب جي لائين لاسز تي ضابطو آندو وڃي، 200 ارب جي مفت بجلي استعمال ڪندڙ حڪمران اشرافيه به ادا ڪن.