بجلي بلن خلاف سڄو ملڪ سراپا احتجاج، وفاقي ڪابينا به عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد/ڪراچي/سکر/حيدرآباد(م ڊ+نمائندا) بجليءَ جي ڳاٽي ٽوڙ بلن خلاف سنڌ، پنجاب ، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ پنجين ڏينهن به احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، لاهور، گوجرانوالا، خانيوال،  ميان چنون، چنيوٽ، شرقپور، لوڌران، اسلام آباد، راولپنڊي،  مظفرآباد، پشاور، اٽڪ، مانسهره، نوشهره، مالاڪنڊ، مردان، سوات ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا،مالاڪنڊ ضلعي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي،  بجلي جا بل ساڙيا ويا، باغ آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي،رسالپور ۾ عوام مردان نوشهره جي ٽي روڊ مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو، ڪاروباري مرڪز بند رهيا،جڏهن ته نوابشاهه ۾ واپارين جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري شهر جون مک مارڪيٽون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار بند ڪيا ويا،واپارين ۽ شهرين پاران ڳرن بلن  خلاف احتجاج ڪندي ڌرڻو به هنيو ويو،حيدرآباد۾ بجلي، پيٽرول، گئس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف واپارين پاران  ڪالھ ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي واپارين ۽ آبادگارن پاران ٻئي ڏينھن به بجلي اگھن ۾ واڌ ۽ مھانگائي خلاف حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري مھانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بجلي تي لڳل سمورا ٽئڪس ختم ڪيا وڃن، عام واھپي جي شين جي ذخيرا اندوزي ختم ڪرائي وڃي، نقلي دوائن جو وڪرو روڪيو وڃي، ڊالر جي اسمگلنگ روڪي وڃي، ميرپورخاص ۾  حڪومت پاران بجلي جي بلن ۾ لڳايل ٽيڪسن، واڌو بلن ۽ غيراعلانيا لوڊشيڊنگ خلاف آل سٽي تاجر اتحاد، شهري ايڪشن ڪاميٽي، انجمن تاجران پاران مارڪيٽ چوڪ تي ڌار ڌار احتجاجي  مظاهرا ڪيا ويا، بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس لڳائڻ ۽ واڌو بلن خلاف ڪيل احجاجي مظاهرن ۾ شهر جي سياسي سماجي، مذهبي، وڪيل ۽ سول سوسائتي جي اڳواڻن وڏي انگ شرڪت ڪئي، مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن حافظ صادق سعيدي، محمد صابري، واجد لغاري، شمس الدين پنهور، شهزاد خان، مولانا حفيظ الرحمٰن فيض، مفتي شريف سعيدي، وڪيل خرم ميئو ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن ملڪ جي عوام کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي پنهنجين شاه خرچين کي پورو ڪرڻ لاءِ عوام تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪري عوام کي جيئڻ جو حق کسڻ جي سازشن تي عمل ڪيو پيو وڃي، بجلي جي بلن ۾ ٽيڪسن جي ڀرمار ڪري غريب عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، 25 کان 50 هزار ڪمائيندڙ عام ماڻهون کي 25 کان 30 هزار جو بل ڀرايو پيو وڃي جيڪو ظلم آهي جڏهن ته ڪاروبار طبقي تي به ٽيڪس جو اضافي وزن وجھي بجلي جا ڳرا بل موڪليا پيا وڃن جيڪي برداشت کان ٻاهر آهن، اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهون جو گذارو ڪرڻ ۽ واپارين ۽ دڪاندارن پاران ڪاروبار ڪرڻ مشڪل بڻيل آهي بجلي مهانگي ڪرڻ ۽ ڳرا بل موڪلڻ سان مهانگائي جو هڪ وڏو طوفان ايندو، هنن چيو ته غريب ۽ وچولي طبقي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي 25 کان 50 هزار روپيا ڪمائيندڙ عام ماڻهون کان هزارين روپيا بجلي جي مد ۾ وصول ڪيا پيا وڃن جڏهن ته لکين روپيا پگھارون کڻندڙن کي بجلي، گئسن، پيٽرول ۽ ٻيون سهولتون مفت ۾ فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته  31 آگسٽ تي شٽر بند هڙتال جڏهن ته آل سٽي تاجران ۽ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران بجلي جي بلن ۾ لڳايل ٽيڪس ختم نه ڪرڻ جي صورت ۾ بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار ۾  تاجر اتحاد پاران بجلي جي اضافي بلن . واڌو ٽيڪس ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف هٿن ۾ بجلي جا بل کڻي مين مارڪيٽ چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو. جتي واپارين پاران بجلي جي بلن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ان موقعي تي واپارين ماما رتن لعل . حميد قريشي . پاچا خان پٺاڻ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي . بجلي جي اضافي بلن عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي مهانگائي جي ڪري بازارن ۾ ويراني نظر اچي رهي آهي غريب ماڻهون ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آهي. گهرن ۽ دڪانن جا بل ادا ڪريون يا هن مهانگائي جي دور ۾ ٻچن جو پيٽ پاليون. هنن چيو ته ڪاروبار نه هجڻ ڪري واپاري اڳ ۾ پريشان آهن ويتر بجلي جي بلن ۽ واڌو ٽيڪس هڻي پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان جي مطالبن تي عمل درآمد نه ڪرايو ويو ته 31 آگسٽ تي سموري ملڪ جيان ٽنڊوالهيار ۾ به شٽر بند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويندو،هوڏانهن سکر جي واپارين جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو، سکر اسمال ٽريڊرز ۾ شامل واپاري تنظيمن پنهنجي پنهنجي بازارن مان ريليون ڪڍي تاجر سيڪريٽريٽ صرافه بازار پهتيون، انهن ريلين ۾ عوام به ڀرپور شرڪت ڪئي، واپاري اڳواڻن مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ 2 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان به ڪري ڇڏيو، مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان جي سڏ تي سڄي ملڪ وانگر سکر ۾ به نائب صدر مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان ۽ سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ بجلي جي اگهن ۾ اضافي، وڌندڙ مهانگائي جي خلاف ريلي تاجر سيڪريٽريٽ گولڊ سينٽر صرافه بازار کان ڪڍي ويئي ان موقعي تي حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته روزانو بجلي، پيٽرول جي اگهن، کاڌي پيتي جي شين ۾ اضافو حڪومت جي عوام دشمني تي مبني آهي. آءِ ايم ايف جي پاليسين تي عمل ڪري حڪمران پاڪستاني عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، غريب ۽ وچولو طبقو پريشان حالتن ۾ زندگي بسر ڪري رهيو آهي. سڄو پاڪستان سراپا احتجاج آهي ۽ حڪومت اجلاس تي اجلاس ڪري رهي آهي پر مهانگائي روزاني جي بنياد تي وڌي رهي آهي، حڪمران پنهنجي عياشين جو ٻوجهه عوام تي نه وجهن، وي آءِ پيز پروٽوڪولز ۽ حڪمرانن سميت واپڊا جا آفيسر ۽ اهلڪارن جا بجلي جا مفت يونٽ في الفور ختم ڪيا وڃن ريلي ۾ واپاري اڳواڻن حاجي غلام شبير ڀٽو، حاجي عبدالستار راجپوت، عبدالقادر شيواني، حاجي رئيس قريشي، عامر فاروقي، مختيار شامي، محمد ڪاشف شمسي، محمد منير ميمڻ، عبدالباري انصاري، محبوب صديقي، محمد فڳشل شيخ، محمد رضوان قادري، جاويد ميمڻ، محمد عارف ڀٽي، محمد سجاد عامر، سعيب ميمڻ، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، اياز علي ابڙو، امان الله ڀٽي، اقبال کوکر، راشد صديقي، عمران ميمڻ، خالد علي، نعمان علي، عتيق الله سومرو، ڪيلاش، محمد اڪرم، سميت سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست اڳواڻن مولانا عبيدالله ڀٽو، غلام مصطفي ڦلپوٽو، شائسته کوسو، آغا طاهر مغل، بابو مهر، دوا خان، سليم جاگيراڻي، طارق علي گهمرو، علامه عبدالستار بروهي، حسن قاضي، مولانا شهزاد خان ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، رپورٽ موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن، احتجاج ۽ عوام کي ريليف بابت ڳالهيون ڪيون ويون.اجلاس ۾ پاور ڊويزن طرفان عوام کي ريليف ڏيڻ بابت ڪيتريون ئي تجويزون پيش ڪيون ويون ڊسڪوز ۽ واپڊا جي ملازمن کي مفت بجلي ملڻ جو معاملو به ڪابينه جي اجلاس ۾ بحث هيٺ آندو ويو. نگران وزيراعظم جي هدايت تي ڊسڪوز ۽ واپڊا ملازمن کي مفت يونٽس ملڻ جو معاملو توانائي ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو آهي.پاور ڊويزن طرفان بجلي جي بلن جي ادائيگي قسطن ۾ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. ڳرن بلز جي ادائيگي سياري جي مهينن ۾ ادا ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي ذريعن موجب توانائي وزارت پاران ڏنل سفارشن تي آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ عالمي مالياتي اداري جي منظوري کانپوءِ عوام کي رليف ڏئي سگهجي ٿو،جڏهن ته ڪابينا جولاءِ ۽ آگسٽ جا بل قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، حتمي فيصلو آءِ ايم ايف جي منظوري کانپوءِ لاڳو ٿيندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.