پي ٽي آءِ جو مهانگائي ۽ بجلي قيمتن خلاف احتجاج جي حمايت جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ ڪور ڪاميٽي مهانگائي ۽ بجلي قيمتن جي خلاف احتجاج جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ ڪور  ڪاميٽي جي اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي ڪارڪن ۽ ذميوار عهديدار ملڪ ۾ پرامن عوامي احتجاج ۾ شريڪ ٿين، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۽ قوم مٿان تباهي جا دروازا 16 مهينا اڳ پي ڊي ايم حڪومت کي آڻي کوليا ويا، پي ٽي آءِ ڪور ڪاميٽي اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته اسان جي دور ۾ پيٽرول 150 رپيا ليٽر ۽ بجلي 16 رپيا في يونٽ ڏني پئي وئي، پڌرائي موجب نگران حڪومت تباهي ۾ شدت پيدا ڪرڻ جي بدران چونڊون منعقد ڪرڻ تي ڌيان ڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.