ايف پي سي سي آءِ جو آءِ ايم ايف کان بجلي معاهدي تي نظرثاني جو مطالبو

لاهور(م ڊ) فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان سستي بجلي فراهم ڪرڻ واري معاهدي تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ايف پي سي سي آءِ جي صدر عرفان اقبال شيخ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بجلي جي بلن سبب عوام سخت پريشان آهي، ايف پي سي سي آءِ بجلي جي اگهن کي رد ڪري ٿي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان معيشت وڌيڪ خراب ٿيندي.عرفان اقبال شيخ چيو ته بجلي جي مهانگي قيمت واپارين ۽ عوام سان ناانصافي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن کاتي جو ملازم ملوث نه هجي ته ڪو به واپاري بجلي چوري نٿو ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.