پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول 12 ۽ ڊيزل 15 رپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) 16 آگسٽ کان ڊالر جي قدر ۾ واڌ سان مٽاسٽا جي شرح ۾ 12 رپين جو فرق پيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي عالمي سطح تي به  پيٽروليم شين جا اگهه وڌي رهيا آهن. امڪاني طور آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ مهيني ۾ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ 12 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 14.83 رپيا في ليٽر تائين واڌ جي تجويز ڪندي. آءِ ايم ايف جا شرط پورا نه ٿيا ته اربين ڊالرن جو قرض خطري ۾ پئجي ويندو، جنهن سان عوام مهانگائي جي طوفان کي منهن ڏيندو ۽ انهن جون زندگيون عذاب ٿي وينديون. توانائي واري وزارت جي هڪ سينيئر آفيسر موجب هن وقت مهانگائي جي شرح 28 سيڪڙو آهي. هوڏانهن نگران حڪومت بجلي اگهن ۾ واڌ تي عوام جي احتجاج سبب دٻاءَ جو شڪار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.