حڪومت کي غير موذي مرض روڪڻ لاءِ هر ممڪن پاليسيون ٺاهڻ گهرجن

الٽرا پروسيس کاڌا بيمارين ۽ موت جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهن

تحرير: ماريا اسماعيل

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته الٽرا پروسيسڊ فوڊ پروڊڪٽس ۾ لوڻ، شگر ۽ ٽرانس فيٽس جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ غير موذي مرضن جو خطرو سڀ کان وڌيڪ آهي، الٽرا پروسيسڊ فوڊس ۽ کنڊ وارا مشروبات موهپا، دل جي بيماري، گردي جي بيماري ۽ اڌ رنگ جا اهم ڪارڻ آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار گلوبل هيلٿ ايڊووڪيسي انڪيوبيٽر جي ڪنسلٽنٽ منور حسين ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ پاڪستان هارٽ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ الٽرا پروسيسڊ فوڊز ۽ شوگر ڊرنڪس جي صحت کي نقصانن بابت صحافين جي هڪ سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.
منور حسين چيو ته هر ماڻهو شوگر مشروب، ذائقيدار ڊيري، آئس ڪريم، پاستا، جام، مٺائي، برگر، سموسا، جزوي طور تي هائيڊروجنيٽيڊ آئل، بسڪيٽ ۽ بيڪري جون شيون وغيره استعمال ڪري ٿو پر ان سان اسان جون تڪليفون وڌن ٿيون، اسان جي صحت لاءِ خطرو پيدا ٿئي ٿو، اسان جا ماڻهو بيمار ٿي پيا آهن.
هن چيو ته پروڊڪٽس صحتمند متبادل جي ڀيٽ ۾ سستا آهن ۽ حڪومت کي گهرجي ته ان جي استعمال کي گهٽائڻ لاءِ پاليسي ايڪشن وٺي، اهڙن کاڌن تي ٽيڪس وڌائي، عوام کي صحت مندکاڌو منتحب ڪرڻ لاءِ پيڪ وارننگ ليبل لڳايو وڃي، انهن جي مارڪيٽنگ کي منظم ڪرڻ ۽ اسڪولن مان اهڙين شين کي هٽائڻ ۽ ميون وانگر صحتمند خوراڪ تي سبسڊي ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته غير صحت مند خوراڪ غير موذي مرضن جو هڪ وڏو سبب آهي ۽ ان جي ڪري هزارين پاڪستانين جون حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن، ڀاڄيون ۽ داليون ملڪ ۾ بيمارين ۽ موتن کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، اسان حڪومت جي ناڻي واري بل 24-2023 جي تعريف ڪريون ٿا پر اهو صرف پهريون قدم آهي، الٽرا پروسيسڊ پراڊڪٽس جن ۾ سوڊيم، شگر، ٽرانس فيٽس ۽ سيچوريٽيڊ فيٽس آهن، اهڙا جُزا نقصانڪار آهن.
پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ثناءُ الله گھمڻ چيو ته هاڻي اسان کي غير صحتمند کاڌن تي ٽيڪس ۾ آهستي آهستي واڌ ڪرڻ سان گڏ واپرائڻ کي گهٽائڻ لاءِ پاليسين جو پيڪيج متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. دل ۽ اسٽروڪ جون بيماريون پاڪستانين لاءِ سڀ کان وڏيون قاتل آهن ۽ ٿولهه اڳ ئي آسمان کي ڇهي رهي آهي، ملڪ ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهو علاج جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن.
هن چيو ته اسان کي بيمارين جي روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسپتالن جو خرچ اربين ڊالرن ۾ آهي، پاڪستان ۾ اسپتالن جي انتظام تي سالياني خرچ جو اندازو لڳايو ويندو آهي، خرچ 2640 ملين آمريڪي ڊالرن کان به وڌيڪ آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالباسط چيو ته پاڪستان دنيا ۾ ٽائپ ٻه شوگر جي بيماري ۾ ٽيون ملڪ بڻجي ويو آهي، جتي 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن ۾ شوگر جي بيماري آهي ۽ ان کانسواءِ 10 لک ماڻهن ۾ شوگر جي شروعاتي بيماري موجود آهي، جنهن ۾ متاثرن جو انگ وڌي 62 ملين ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ هر سال شوگر جي علاج تي 2.6 بلين آمريڪي ڊالر خرچ ڪيا ويندا آهن.
پاڪستان نيوٽريشن اينڊ ڊائيٽيڪڪ سوسائٽي جي صدر فائره خان چيو ته اسان جي آبادي کي انتهائي پروسيس ٿيل فوڊ پروڊڪٽس جي نقصانڪار اثرن جي به خبر ناهي، جنهن جي آگاهي سان هر روز هزارين زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، مشروبات جي صنعت هر قدم تي پاليسي ٺاهيندڙن کي گمراهه ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسان پنهنجي ماڻهن کي انهن کان بچائي رهيا آهيون.
سول سوسائٽي ۽ صحت جي ماهرن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهڙن کاڌن جي واهپي کي گهٽائڻ لاءِ فوري پاليسي اپاءَ وٺي ۽ سستي صحتمند خوراڪ جي دستيابي کي يقيني بڻائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.