ڪابينا اجلاس، بجلي بل قسطن وٺڻ جو فيصلو آءِ ايم ايف جي اجازت سان مشروط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ جي بجلي بلن جون قسطون ڪرڻ جو حتمي فيصلو آءِ ايم ايف جي اجازت سان مشروط ڪيو ويو.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن، احتجاج، عوام کي رليف ڏيڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
اجلاس ۾ پاور ڊويزن طرفان عوام کي رليف ڏيڻ بابت ڪيتريون ئي تجويزون پيش ڪيون ويون، جن تي بحث کانپوءِ ڪابينا جولاءِ ۽ آگسٽ جا بل قسطن ۾ وٺڻ جي منظوري ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته منظوري باوجود حتمي فيصلو آءِ ايم ايف جي اجازت سان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.