عمران خان لاءِ ڏکيائيون برقرار، توشا خانا ڪيس ۾ سزا معطلي باوجود آزاد نه ٿيندو!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا معطلي ۽ ضمانت تي آزادي جي حڪم باوجود سندس آزادي ۾ هڪ وڏي رنڊڪ موجود آهي.
تحريڪ انصاف چيئرمين جي آزادي جي رستي ۾ سائفر ڪيس رنڊڪ آهي، ڇو ته ان ڪيس ۾ عمران خان اڳ ئي 30 آگسٽ تائين جڊيشل رمانڊ تي آهي.
اسلام آباد جي سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابوالحسنات تحريڪ انصاف چيئرمين کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو آهي ۽ عدالت کيس 30 آگسٽ تي ذاتي حيثيت ۾ به طلب ڪيو آهي.
اسپيشل ڪورٽ جي جج اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي تحريڪ انصاف چيئرمين جي پيشي لاءِ حڪم ڏنو آهي.
عمران خان سائفر ڪيس ۾ 15 آگسٽ کان جڊيشل رمانڊ تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.