واٽس ايپ ۾ هڪ نئين فيچر جي واڌ ڪئي وئي آهي جيڪا واهپيدارن جي پرائويسي کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندي.
واضح رهي ته واٽس ايپ ۾ اڳ ئي ميسيجز کي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو تحفظ حاصل آهي.
هاڻ وري واٽس ۾ ڪالز جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو پيو وڃي.
رپورٽ موجب اينڊرائڊ ڊوائسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورجن ۾ اهو نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر ذريعي واٽس ايپ ڪالز ۾ موجود آءِ پي ايڊريش تائين ٻين ماڻهن جي پهچ ختم ڪئي ويندي.
رپورٽ موجب ان فيچر کي ان ايبل ڪرڻ تي ٻين ماڻهن لاءِ اوهان جي لوڪيشن بابت ڄاڻڻ گھڻو ڏکيو ٿي ويندو.
جيتوڻيڪ ان فيچر کي استعمال ڪرڻ سان ڪالز کي وڌيڪ تحفظ ملي سگھندو پر ڪال ڪوالٽي ڪنهن حد تائين متاثر ٿيندي.
اهو فيچر اينڊرائيڊ ڊوائسز ۾ واٽس ايپ جو بيٽا ورجن استعمال ڪندڙ واهپيدار سيٽنگز ۾ پرائيويسي ۽ اتي ڪالز جي آپشن ۾ وڃي ڏسي سگھن ٿا (اهو واضح رهي ته اڃا اهو سڀني بيٽا ورجنز کي دستياب ناهي).
رپورٽ ۾ آڊيو يا وڊيو ڪالز جو ذڪر ناهي ڪيو ويو تنهنڪري امڪاني طور تي ان فيچر سان ٻنهي ڪالز کي تحفظ ملندو.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته اڃا اهو فيچر بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي ته اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪڏهن سڀ واهپيدار ان کي استعمال ڪري سگھندا.
Next Post
You might also like