هوائي گدلاڻ سڄي دنيا جي انسانن جي صحت لاءِ سڪريٽ ڇڪڻ يا شراب پيئڻ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.
اها تنبيهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي خطي تي ڌيان ڏنو ويو آهي.
آمريڪا جي شڪاگو يونيورسٽي جي اينرجي پاليسي اسٽينٽيوٽ جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته هوائي گدلاڻ سان ڏکڻ ايشيا ۾ رهندڙ ماڻهن جي سراسري عمر ۾ 5 کان وڌيڪ گھٽتائي آئي آهي.
واضح رهي ته ڏکڻ ايشيا کي دنيا جي آلودا ترين خطن مان هڪ مڃيو ويندو آهي ۽ ان نئين تحقيق ۾ هوائي گدلاڻ سان صحت تي پوندڙ اثرن جي جاچ ڪئي وئي.
پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش ۽ نيپال کي دنيا ۾ آلودا ترين ملڪن مان هڪ تصور ڪيو ويندو آهي.
آمريڪي انسٽيٽيوٽ جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته عوامي صحت لاءِ سڀ کان وڏو ٻاهريون خطرو هوائي گدلاڻي جا ذرڙا آهن.
تحقيق موجب جيڪڏهن سڄي دنيا ۾ هوائي گدلاڻ جي شرح کي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي طئي ڪيل حد تائين محدود ڪيو وڃي ته دنيا هر فرد جي عمر ۾ 2.3 سالن جو اضافو ٿي ويندو.
فضائي گدلان جا ذرڙا دل جي مرضن، ڦڦڙن جي مرضن، فالج ۽ ڪينسر جو خطرو وڌائين ٿا پر ان جي روڪٿام لاءِ تمام گھٽ فنڊز مختص ڪيا ويا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته بنگلاديش دنيا جو آلودا ترين ملڪ آهي جتي هر فرد جي سراسري طور عمر ۾ 6.8 سال گھٽتائي آئي آهي جڏهن ته آمريڪا ۾ اها سراسري طور تي 3.6 مهينا آهي.
تحقيق موجب 2013ع کان هيل تائين سڄي دنيا ۾ هوائي گدلاڻ ۾ اضافي جو 59 سيڪڙو ذميوار ڀارت آهي ۽ اتي هوائي گدلاڻ جا صحت لاءِ تمام وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي.
حقيقت ۾ ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي هوائي گدلاڻ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر شهر آهي جتان جي شهرين جي سراسر عمر ۾ 10 کان وڌيڪ گھٽتائي آئي آهي.
تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن صحت جي عالمي اداري جي طئي ڪيل حد کي يقيني بڻايو وڃي ته پاڪستان جي هر شهري جي سراسري عمر ۾ 3.9 سالن جو اضافو ٿي سگھي ٿو.
Prev Post
You might also like