ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن شروع ڪري رهيا آهيون، علائقي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويندو ڏوهارين کي بخشش نه ڪيو ويندو،ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن شروع ڪري رهيا آهيون، ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو ۽ انهن جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو برگيڊيئر (ر) حارث نواز وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا ڪيترائي واقعا ٿي رهيا آهن، شهر قائد ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. منشيات جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن.هن چيو ته پوليس فورس متاثر علائقن ۾ گشت ڪري رهي آهي ، آءِ جي سنڌ تجربيڪار آهي جڏهن ته ڊي جي رينجرز به مڪمل تعاون ڪري رهيو آهي