ڪراچي (رپورٽر) انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه وڌڻ جو سلسلو ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن برقرار رهيو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 99 پئسا واڌ سان 301 رپين 99 پئسن تي بند ٿيو، ان کان اڳ جي سيشن ۾ ڊالر 301 رپين تي بند ٿيو هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه هڪ رپيو وڌڻ سان 315 رپيا ٿي ويو آهي.