عوامي احتجاج کان لاتعلق پارٽيون ڪهڙي منهن سان ووٽ گهرنديون؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ آيل مهانگائي جي سونامي بجلي، پئٽرول، ڊيزل ۽ گئس اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ غريبن ۽ مزدور طبقي کان ٻن ويلن جو ڳڀو کسي ورتو آهي. مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس غربت جي لڪير تي پهچي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ عوام روڊن تي آهي، احتجاج سنگين رخ اختيار ڪري رهيو آهي. ان صورتحال  ۾ سياسي پارٽيون  خاص طور نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ سميت مختلف  پارٽيون عوام جي اڳواڻي ڪرڻ بدران عملي طور  لاتعلق  بڻيل آهن، عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ ڪو به عملي طور سرگرم نه آهي، صرف جماعت اسلامي پنهنجي پوري سگهه سان احتجاج  ۾ عوام سان گڏ بيٺل نظر اچي رهي آهي. نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اهي پارٽيون سڀاڻي ڪهڙي  منهن سان عوام کان ووٽ  وٺڻ وينديون  جيڪي  اڄ  عوام جي موت  ۽ زندگي جهڙي مسئلي  تي لاتعلق بڻيل آهن، نامياري تجزئي نگار افتخار ڪاظمي جو چوڻ آهي ته اصل ۾ جماعت  اسلامي عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو فائدو وٺندي پنهنجي پراڻي  حيثيت بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڇو ته سموريون پارٽيون احتجاج کان لاتعلق بڻيل آهن ۽ جماعت اسلامي لاءِ ميدان خالي آهي. نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته مختلف  پارٽين سان صلاح مشورن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن غور شروع ڪيو آهي ته نيون تڪ بنديون جلد ڪيون وڃن ۽ چونڊون فيبروري  بدران ڊسمبر جي آخر يا جنوري جي شروع ۾ ڪرايون وڃن، معاشي  ماهرن جو چوڻ آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ نگران سرڪار جي وس جي ڳالهه نه آهي. چونڊيل حڪومت ئي عوامي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي. هوڏانهن اولهه جي ملڪن جو به 90 ڏينهن ۾ چونڊن لاءِ پاڪستان تي دٻاءُ  آهي. نامياري صحافي عاصمه شيرازي  جو چوڻ آهي ته ان ڏس ۾آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سڀ کان وڌيڪ سرگرم رهيو آهي، چيف اليڪشن  ڪمشنر سان ملاقات کانپوءِ نگران وزيراعظم سان پڻ ملي چڪو آهي ۽ چونڊون فيبروري تائين  نه ٿيڻ جي صورت ۾ مستقبل ۾ سهڪار تي نظرثانيءَ جو اظهار ڪري چڪو آهي. يورپي ملڪن جي سفيرن به چيو آهي ته ڪجهه ٽيڪنيڪل معاملن سبب چونڊن ۾ فيبروري تائين دير برداشت  ڪري سگهجي ٿي. ان کان دير ٿي ته پوءِ پاڪستان سان  لاڳاپن تي غور ڪيو ويندو. اهڙي رپورٽ ايڪسپريس نيوز ۾ به اولهه ۽ يورپي يونين جي سفيرن جي حوالي سان شايع ٿي چڪي آهي. سياسي تجزئي نگارن جو به خيال آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب جيڪي حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن انهن کي نظر ۾ رکندي  اهو چئي سگهجي ٿو ته چونڊون فيبروري کان اڳتي  نه وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.