سالن کان ظلم جو شڪار روڊن تي،سڀ طاقتور لڪي رهيا آهن: تجزئي نگار

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سينئر تجزئي نگار ۽ صحافي طلعت حسين چيو ته بجلي جي بلن تي احتجاج هاڻي پاڻمرادو تحريڪ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. سالن کان ظلم جو شڪار ٿيل عوام روڊن تي نڪري آيو آهي. هاڻي سڀ طاقتور لڪي  رهيا آهن. ڪنهن وٽ به ڪو جواب يا حل ناهي.عاصمه شيرازي چيو آهي ته عوام ۾ بجلي بلن تي وڏي ڪاوڙ آهي، سرڪاري ملازمن کي 34 ڪروڙ يونٽ بجلي مفت ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي، جيڪا لڳ ڀڳ 10 ارب رپيا آهي. گريڊ 17 کان 21 تائين جا 15,971 ملازم هر مهيني 7 ملين مفت يونٽ استعمال ڪن ٿا. اها سهولت گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن لاءِ موجود آهي پر اعليٰ درجي جي ملازمن لاءِ اها سهولت سواليه نشان آهي. ٻئي طرف بجلي چور ڇو نه ٿا پڪڙيا وڃن جڏهن ته بجلي چورن جا بل عام صارف ڀرين ٿا،حڪومت کي ڪارروائي ڪرڻي پوندي، سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف جي نالي تي بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي پر آءِ ايم ايف جي سربراهه جو چوڻ آهي ته هنن مطالبو ڪيو ته بار پاڪستان جي غريبن تي نه پر اميرن تي وڌو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.