لاهور(م ڊ) جهانيان ۾ بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿيڻ تي 4 ٻارن جي ماءُ گهريلو حالتن کان تنگ اچي زهريلي گوليون وڄائي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو. مڙس جو چوڻ آهي ته بل ادا ڪرڻ بعد گهر ۾ راشن جا پئسا نه هئا ۽ ٻار 2 ڏينهن کان بکايل هئا،گهر جي سربراهه قاسم ٻڌايو ته هو 4 ٻارن جو پيءُ آهي ۽ روزانو 400 رپيا ڪمائي ٿو.پورهيت وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن بجلي جو بل 10 هزار رپيا آيو ته هن گهر جو سامان وڪرو ڪري بل ادا ڪرڻ لاءِ قرض ورتو.عورت جي مڙس جو وڌيڪ چوڻ هو ته بل ادا ڪرڻ باوجود ميپڪو عملدارن بجلي بحال نه ڪئي ۽ بل ادا ڪرڻ بعد گهر ۾ راشن جا پئسا ناهن،