اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته 3 ڪروڙ 81 لک بجلي صارف آهن، 2 ڪروڙ 10 لک صارفن لاءِ بجلي اگهن ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪيو ويو، گهريلو صارف 64 سيڪڙو آهن انهن لاءِ بجلي اگهه ۾ واڌ ناهي ٿي، آگسٽ ۾ فيول سرچارج لڳي ايندو آهي ان ڪري اهو مهينو ڳرو ثابت ٿيو آهي، اسان 5 هزار ميگاواٽ واڌو بجلي پيدا ڪئي آهي، ٿرڪول مان 2 هزار ميگاواٽ پيداوار ٿي رهي آهي،هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدا هاڻي ختم ٿيڻ گهرجن، سينيٽر سيف الله ابڙو چيو آهي ته سينيٽ ڪميٽي ۾ پي ڊي ايم جي وزيرن وٽ بجلي اگهه وڌڻ بابت سوالن تي ڪو به جواب نه هو، آفيسر سوالن تي کلي رهيا هئا،اتي چيو ويو ته 70 سيڪڙو اثر ڊالر اگهه، 10 سيڪڙو ڪائي بور ۽ 20 سيڪڙو، اصل مسئلي جي پاڙ آءِ پي پيز آهن،جيڪي ن ليگ حڪومت جو تحفو آهن، خرم دستگير هڪ به ڀيرو توانائي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو، انهن نااهلن آءِ پي پيز کي 18 هزار ارب رپيا ڏياريا،پاڪستان جي عوام سان زيادتي ڊالر اگهه ۾ آءِ پي پيز سان معاهدن سبب ٿي آهي، جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته سيپٽمبر ۾ بل 90 رپيا في يونٽ جي حساب سان ايندا، اهو اعلان نگران حڪومت ڪيو آهي، عوام کي هاڻي کان ئي خبردار ڪريون ٿا، سڀ کان وڌيڪ مسئلو ڊسڪوز جي گورننس جو آهي،ٻيو مسئلو آءِ پي پيز جو آهي، درآمدي ڪوئلي ۽ ڊالر ۾ ادائيگي آهي، ٽين ڳاله ته هتي ڪرپشن آهي، پي ڊي ايم جي 16 مهينن ۾ 500 ارب رپين جي بجلي چوري ٿي آهي، پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي پي ڊي ايم جاري رکيو