اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) مفت بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ انڪشاف ٿيو آهي ته واپڊا ۽ بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين جي ملازمن کي ساليانو 8 ارب رپين جي 34 ڪروڙ يونٽ بجلي مفت ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته ملڪ جي صدر کي اقتدار ۾ هوندي لاتعداد پر رٽائر ٿيڻ کانپوءِ 2000 يونٽ ماهوار بجلي ڏني وڃي ٿي اڳوڻي صدر جي فوتگي جي صورت ۾ ان جي گهر واري کي به 2000 يونٽ بجلي مفت ملندي رهندي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ججن کي حاضر سروس دوران ۽ رٽائر ٿيڻ بعد به في جج کي 2000 يونٽ بجلي مفت ملي ٿي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ججن کي حاضر سروس دوران ۽ رٽائر ٿيڻ بعد به في جج کي 2000 يونٽ بجلي مفت ملي ٿي. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ججن کي حاضر سروس دوران ۽ رٽائر ٿيڻ بعد به في جج کي 800 يونٽ بجلي ماهوار مفت ملي ٿي، نامياري صحافي انصار عباسي شايع ٿيل هڪ رپورٽ جي حوالي سان ڄاڻايو ته اسٽيٽ بئنڪ گورنر لاءِ مفت بجلي استعمال جي ڪا حد مقرر نه آهي. ڀلي لکين يونٽ ماهوار استعمال ڪري ان لاءِ بجلي مفت آهي. نيب چيئرمين لاءِ 2000 يونٽ بجلي مفت آهي،واپڊا جي 16 هين گريڊ جي آفيسر کي 300 يونٽ ماهوار مفت، 17 هين گريڊ لاءِ 450 يونٽ، 18 هين گريڊ لاءِ 600 يونٽ، 19 هين گريڊ لاءِ 880يونٽ آهي. 20 هين گريڊ واري لاءِ بجلي 1100 يونٽ ۽ 21 هين ۽ 22 هين گريڊ جي آفيسر لاءِ 1300 يونٽ بجلي مفت آهي. حاضر سروس ۽ رٽائر جنرلن بابت اڃان انگ اکر نه مليا آهن ته انهن کي به بجلي مفت ملي ٿي يا بل ادا ڪن ٿا، جيئن انگ اکر مليا ته ضرور پڌرا ڪيا ويندا.