اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ سان لاڳاپيل 60 کان وڌيڪ ڪامورا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل

ڪراچي ( رپورٽر ) اڳوڻي صوبائي وزير سميت پ پ سان ويجهن 60 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسرن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. نيب سنڌ پاران پ پ جي ويجهن سرڪاري آفيسرن خلاف به انڪوائري شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي ويجهن 60 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسرن جا نالا به اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب پيپلز پارٽي سنڌ جي اڳواڻ مڪيش چاولا خلاف جاچ ڪري رهي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ڪراچي ۾ پ پ جي ويجهن سرڪاري آفيسرن خلاف انڪوائري جو امڪان آهي. ذريعن موجب مڪيش چاولا جو نالو نيب جي سفارش تي عبوري اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اهي سمورا نالا آگسٽ جي پهرين هفتي کان هن وقت تائين مختلف مرحلن ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.