ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ پوليس ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي مرتضيٰ چورنگي مين ڪورنگي روڊ تان ڀتا خوري ۾ ملوث 4 جوابدارن محمد بلاول عرف سردار، ليئي خان عرف حيدر بگٽي، عابد علي ۽ جميل احمد کي گرفتار ڪري ورتو. ڪيو. رينجرز ترجمان موجب شروعاتي جاچ دوران جوابدارن ڪورنگي ۽ لانڍي جي علائقن چمدا چورنگي، گودام چورنگي، بلال ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي مختلف فيڪٽرين جي مالڪن کان ڀتا خوري جو اعتراف ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ علي افضل ساهي جي ضمانت منظور
اسلام آباد(م ڊ) دهشتگردي جي خاتمي واري خصوصي عدالت اسلام آباد دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي افضل ساهي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. سومر ڏينهن علي افضل ساهي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ علي افضل ساهي پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو،