ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي ۾ شريڪ جوابدارن خلاف قلم 144 تحت ڪيس داخل، پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف سولجر بازار، بهادر آباد، برگيڊ، ٽيو سلطان، فيروز آباد ٿاڻي ۽ ملير سٽي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. بهادر آباد ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر 220/2023 داخل ڪئي وئي جنهن تي حڪومت پاران قلم 144 تحت قلم 188 تعزيرات پاڪستان داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ شاهزيب، سيف الله، مسڪر گل، حسين، جمعه خان، مجاهد خان، راشد، عزيز، آصف سميت 10 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. سولجر بازار ٿاڻي ۾ مٿي ڄاڻايل دفعات تحت اسد، غلام مصطفيٰ، عرفان، عبدالرئوف، بخت يامين ۽ محمد رزاق سميت 7 نامزد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ٽيپو سلطان ٿاڻي تي ڪيس جو الزام نمبر 302/2023 پڻ داخل ڪيو ويو جنهن ۾ حبيب الرحمان، افتخار، وقاص، هاشم خان، محمد سعيد انور، صبيح خان، عبدالمالڪ، ارباز خان، ماجد خان، اعجاز شامل آهن.